جي جي ونتي راڳڻي

جي جي ونتي (راڳڻي): هيءَ کماچ ٺاٺ جي سمپورن راڳڻي آهي، جنهن ۾ ٻئي گنڌار ۽ ٻئي نکادون لڳايون وڃن ٿيون، هن راڳڻيءَ ۾ ڪٿي ڪٿي ديس راڳڻيءَ جو انگ نظر اچي ٿو، ليڪن ٻنهي گنڌارن جي هئڻ ڪري، ديس کان الڳ ٿي بيهي ٿي. پنڊت، امروهيءَ ۾ رکب سان گڏ ڪومل گنڌار لڳائيندا آهن. اهڙيءَ طرح نکاد ڪومل امروهيءَ ۽ تيور نکاد اَروهيءَ ۾ لڳندو آهي. هن راڳڻيءَ ۾ ڇايا نٽ وانگر مندر اَستان جي پنچم ۽ مڌ اَستان جي رکب جي سنگت رهي ٿي. سڌو اصول قائم ڪيل آهي ته آروهيءَ ۾ تيور نکاد ۽ گنڌار لڳندو ته امروهيءَ ۾ ڪومل نکاد ۽ گنڌار لڳندو. هيءَ بلاول، گونڊ ۽ سورٺ راڳ جو مرڪب آهي. هن جي آروهي، ساري ري، گي ري سانا ڌي پا آهي ۽ هن جي امروهي، سانا ڌي، پاما ري، گي ري ني سا آهي.جڏهن ته وادي سُر رکب ۽ سموادي سُر ڌيوت آهي. هن جي خاص تان، سا، ري ري، گي ما، پا، ماگي، ري ساني سا، ري گا ري، سا، نا ري پا، ري گي ما، سانِي سا ري گا ري سا، ري ري سا، ني سا ري گا ري سا، نانا ڌي پا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو